بلو دادا - ڪتاب

بلو دادا - ڪتاب

بلو دادا

بِلو دادا (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نامياري اديب، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس 14 ڪهاڻيون شامل آهن. جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اياز قادريءَ جي ڪهاڻين کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڪرائون سائيز جي ڪَچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 103 صفحا آهن ۽ قيمت ڄاڻايل ناهي. ڇاپو پهريون، ميان غلام عباس قادريءَ، لاڙڪاڻي مان سال 1957ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان جو ٻيو ڇاپو مڪتبهءِ برهان اردو بازار ڪراچيءَ پاران1977 ۾ ساڳي سائيز ۾ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ 122 صفحا آهن ۽ ان جوٽيون ڇاپو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي ورسٽي سنڌي پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي .


لفظ بلو داداھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو